لاهور – 20 – جون (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر، وزيرا??ظم شهباز شريف پاران مستقل حاضري کان ڇوٽ جي ڏنل درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت وزيرا??ظم شهباز شريف کي پيشي کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي، احتساب عدالت نمبر 5 جي جج محمد ساجد علي اعواڻ رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزيرا??ظم شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز پاران بجيٽ سيشن جي مصروفيتن جي ڪري هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتي. وزيرا??ظم شهباز شريف ٻڌڻي دوران عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته چنيوٽ ۾ نالي جي تعمير مق??مي ايم پي اي جي درخواست تي ڪئي وئي جنهن جي لاءِ صوبائ?? ڪابينا جي منظوري به ورتي وئي هئي، مون پنجاب جي وڏي وزير جي طور تي سدائين عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي، ڪمند جي قيمت مق??ر ڪندي شوگر ملن بدران آبادگارن جي مفادن کي نظر ۾ رکيو ويو، ??زيرا??ظم شهباز شريف چيو ته جڏهن به عدالت گهرايو مون پنهنجي پيشي کي يقيني بڻايو، ڇاڪاڻ جو اهو منهنجو فرض به آهي ۽ ذميداري به، هاڻي منهنجي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، قومي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي، وڪيل امجيد پرويز دليل ڏيندي چيو ته شهباز شريف جڏهن ٻاهرين ملڪ ويو ته حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني، 23 مارچ تي وزيرا??ظم شهباز شريف واپس آيو ۽ عدالت ۾ پيش ٿيو، امجد پرويز عدالت کي درخواست ڪئي ته وزيرا??ظم شهباز شريف کي عدالت ۾ پيشي تي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته گذريل درخواست تي ميڊيڪل گرائونڊ ورتا ويا ۽ علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو هاڻي صرف ان ڳالهه تي درخواست داخل ڪئي وئي آهي ته شهباز شريف پاڪستان جو وزيرا??ظم آهي، عدالت وزيرا??ظم شهباز شريف جي ڇوٽ لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري. عدالت وزيرا??ظم شهباز شريف جي حاضري مڪمل ڪئي ۽ وزيرا??ظم کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي حاضري کان مستقل معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ وزيرا??ظم شهباز شريف کي پيشي کان مستقل طور تي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. عدالت بريت جي درخواست تي وڪي??ن کان وڌيڪ دليل گهرندي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
لاهور جي احتساب عدالت پاران رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز