اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي انهن ??ي گهرن تي امدادي رقم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون. هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مل?? کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي عمران خان جيترو نقصان پهچايو ان جو مثال تار??خ ۾ نٿو ملي، پاڻ کي ايماندار چوندڙ عمران خان غير مل??ي فنڊنگ جو حساب ڏيڻ کان راهه فرار اختيار ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان ٻاهرين محاذ تي مل?? کي اڪيلو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو هن وقت دنيا ۾ پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته عمران امپائر کانسواءِ اليڪشن وڙهي کيس خبر پئجي ويندي ته عوام گڏ آهي يا نه، هونئن به عوام سندس ڌرڻي جي سڏ کي رد ڪري پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هن وقت پاڪستان کي مش??ل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پيپلزپارٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي: شازيه مري
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش