اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف شفاف طريق?? سان هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي، اڪبر ا??س بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي اهو سڀ ڪري رهيو آهي، الزام لڳائيندڙن جي بياني کي هڪ دفعو ٻيهر شڪست ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چ??و ته اڪبر ا??س بابر ??وندو هو ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي آهي ته ٻڌايو ته اها ڪٿي آهي؟ اڪبر ا??س بابر ??انهه جي پيالي ۾ طوفان برپا ڪيو ۽ سڀني کي گمراهه ڪيو آهي، رپورٽ جي صفحي نمبر 81 موجب اڪبر ا??س بابر پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪي به دستاويز پيش نه ڪري سگهيو. مريم صفدر به اليڪشن ڪميشن کان ٻاهر اچي چوندي آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي پر ا?? رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه نه آهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف صاف ۽ شفاف طريق?? سان هلي رهي آهي، پارٽي کي اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين سپورٽ ڪيو، الزام لڳائيندڙن کي اوورسيز پاڪستانين کان به معافي گهرڻ گهرجي جنهن جي دل آزاري ٿي آهي، فرخ حبيب چ??و ته آئون مريم صفدر ۽ بلاول زرداري کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو به پنهنجي اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آڻين، ڀون داس ۽ شجاعت عظيم جو عوام کي ٻڌا??ين ته اهي ڪير آهن، هن چيو ته بلاول کي به 35 ڪروڙ جو حساب ڏيڻو آهي. هن چيو ته اسان جي اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته جلد کان جلد اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ڪري ۽ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت باقي سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي. فرخ حبيب چ??و ته مولانا فضل الرحمان جو به پتو پوڻ گهرجي ته هو ليبيا کان ڪهڙي چڪر ۾ فنڊنگ وٺي رهيو آهي، اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته صرف پي ٽي آءِ اها واحد پارٽي آهي جنهن شفافيت کي نظر ۾ رکيو، هن چيو ته برطانيه ۾ ن ليگ پرائيويٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽرڊ آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ان معاملي کي حل ڪري، فرخ حبيب چ??و ته آئون اميد ڪريان ٿو ته اليڪشن ڪميشن جلد کان جلد پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي فنڊنگ جي جاچ ڪندو. هن چيو ته والٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ جو جيڪو ذڪر ڪري رهيا آهن اهي پئسا به بئنڪ جي ذريعي آيا ان ۾ ڪا به شيءَ لڪائڻ واري نه آهي، هڪ دوستاڻو ڪرڪيٽ ميچ ٿيو اهو به پاڪستانين جي وچ ۾ کيڏيو ويو، مملڪتي وزير چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي ۾ به ان حوال?? سان ڪجهه نه نڪتو.
پاڪستان تحريڪ انصاف شفاف طريقي سان هلي رهي آهي: مملڪتي وزير فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری