اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر ??اڪ??تان جي دفاع جو ڏهاڙو (اڄ) سومر ڏينهن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. 6 سيپٽمبر قوم جي حيثيت سان اسان جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي علامت آهي، ان ڏينهن دشمن جي عددي برتري جي گهمنڊ ۾ ناپاڪ ۽ ڪڌا ارادا ناڪام ٿيا، ان ڏينهن اسان گڏجي ??اڪ??تان ج?? دفاع ڪيو، هي هڪ اهڙو ڏينهن آهي جيڪو اسان جي شهيدن ۽ غا??ين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي بهادري ۽ عظيم قربانين کان متاثر ٿيڻ جو ڏينهن آهي. 1965ع جي مقابلي ۾ ??اڪ??تان اڄ مضبوط روايتي ۽ غيرروايتي طاقت سان گڏ وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ ملڪ بڻجي اڀريو آهي. ان سان گڏوگڏ ??اڪ??تان جي عوام هٿياربند فوج سان گڏ هڪ نقطي تي آهي جيڪا پنهنجي ثابت قدمي، بي لوث عقيدت ۽ حب الوطني جي جذبي جي ڪري آزمايل آهي، شهيدن ۽ غا??ين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته نيڪ اعمال ۽ بهادري جا نوان باب لکي انهن جي شاندار ميراث کي برقرار رکيو وڃي جڏهن ته عوام ۽ هٿياربند فوج هڪ نئين جذبي سان گڏجي ??اڪ??تان کي وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي. ??اڪ??تان معيشت، دفاع ۽ عوام جي ڀلائي جي لحاظ کان هڪ مضبوط ملڪ بڻجي. 6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، هي اهو ڏينهن هو جڏهن پوري قوم هڪ جارحيت پسند جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اٿي بيٺي جيڪو افرادي قوت ۽ هٿيارن ۾ برتري رکندڙ هو، 6 سيپٽمبر جي جذبي کي ان جي روح موجب زندهه ۽ مضبوط بڻائڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان پنهنجون توانايون ??اڪ??تان کي سمورن ٻاهرئين ۽ اندروني خطرن جي خلاف مضبوط بڻائڻ جي لاءِ لڳايون. اسان جي ابن ڏاڏن جي تصور موجب هڪ ترقي پسند اسلامي فلاحي رياست جي اسان جي حقيقي سڃاڻپ کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي لاءِ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي ۽ انهي جذبي سان عزم ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان جي سلامتي کي درپيش خطرن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻائڻ ۾ مدد ملي. هن وقت ??اڪ??تان ماضي جي مقابلي ۾ دنيا جي لاءِ وڌيڪ اهم آهي، ??اڪ??تان پنهنجي ساک امن جي حصيدار طور تي ٺاهي آهي. دنيا جي تڪرارن جي حل لاءِ ??اڪ??تان جون قربانيون تمام گهڻيون آهن، ??اڪ??تان خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ مخلصاڻي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ دنيا انهن ڪوششن کي تسليم ڪري رهي آهي. ??اڪ??تان پنهنجو پاڻ کي سمورن روايتي ۽ غيرروايتي چئلينجن جي لاءِ تيار ڪيو آهي، انهن سڀني جي باوجود اسان تڪرارن جي پرامن حل کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن ڏينهن اسان کي مادن وطن جي حيثيت سان ??اڪ??تان سان محبت ۽ ??اڪ??تان جي اندر ۽ ٻاهر امن سان محبت ڪرڻ جي نعرن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
6 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو (اڄ) سومر ڏينهن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری