اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي مذهبي ۽ ثقافتي قدر هڪجهڙا آهن، اسان هڪ مضبوط افغانستان جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ فيصلو افغانستان جا ماڻهو پاڻ ڪندا، افغان باهمت ماڻهو آهن، هنن ڪڏهن شڪست تسليم ناهي ڪئي، افغان امن عمل ۾ پاڪستان ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان افغانستان کي ترقي ڪندڙ ملڪ ڏسڻ چاهي??ن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ افغان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقع?? تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري، موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل سميت ٻيون اهم شخصيتون به موجود هيون. قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا مذهبي ۽ ثقافتي قدر هڪجهڙا آهن، اسان جا تاريخي هيروز ڪابل کان اچي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ تاريخ رقم ڪئي، حضرت داتا گنج بخش افغانستان مان هتي آيو ۽ اسلام جي تبليغ ڪئي، شير شاهه سوري ڪابل کان ڪلڪته تائين 3300 ڪلوميٽر رستو ٺاهيو. هن چ??و ته بدقسمتي سان گذريل 40 سالن دوران افغانستان ۾ ظلم ۽ ستم ڪيو ويو. تقريبن 30 لک افغان پناهگير گذريل 40 سالن کان هتي رهيل آهن، انهن پناهگيرن جي بارن جي نالا افغانستان سان جڙيل آهن پر انهن اڄ تائين افغانستان ناهي ڏٺو، هن چ??و ته اسان ان وقت تائين اڳتي نٿا وڌي سگهون جيستائين افغانستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ نه بڻجي وڃي، هن چ??و ته اسان افغانستان کي ترقي ڪندڙ ملڪ ڏسڻ چاهي??ن ٿا. هن ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن دوران افغانستان جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي هتي گهرايو ويو، افغاني اسان جو ڀاءُ آهن، اسان ??ن حالتن مان گذري رهيا آهيون هڪٻئي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، هن چ??و ته 40 سالن جي جنگ ۽ جدل سان ڏٺي آهن، اسان بارڊر تي سٺي فضا قائم ڪرڻ چاهي??ن ٿا، هن چ??و ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، نوجوانن کي مخطاب ٿيندي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قاسم خان سوري چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ هڪ متفقه حڪومت قائم ٿي جنهن ۾ فيصلا افغانستان جا ماڻهو پاڻ ڪندا، هن چ??و ته افغانستان ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال سان پاڪستان به متاثر آهي، افعانستان ۾ امن ٿيندو ته اسان به ترقي ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 57 اسلامي ملڪن ۾ سڀ کان مشهور ملڪ ۽ ايٽمي طاقت آهي، هتي جي وڏي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، اسان کي انهن کي بهتري جي طرف وٺي وڃڻو آهي، ان موقع?? تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري پشتو زبان ۾ خطاب ڪيو.
پاڪستان ۽ افغانستان جي مذهبي ۽ ثقافتي قدر هڪجهڙا آهن: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک