اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب جي پارلياماني پارٽي جو پهريون اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن ٿيو جنهن ۾ پنجاب اس??مبلي جي نون چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي پنجاب پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ 164 صوبائي اس??مبلي ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس جلدي ۾ گهرايو ويو جنهن جي ڪري ڪجهه ميمبر شرڪت نه ڪري سگهيا، حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ 149 ??يمبر گهربل آهن جڏهن ته اسان جي ميمبرن جو ا??گ 186 تائين پهچڻ جي اميد آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون