ڪابل -11 آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي هرات صوبي ۾ هڪ مهيني ۾ ٻيو ڀيرو 6.3 جي شد?? جو زلزلو آيو جنهن سبب 80 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. چين جي خابرو اداري مطابق افغانستان جي صوبي هرات ۾ اربع ڏينهن صبح جو آيل زلزلي سبب 80 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زلزلي جي شد?? ريڪٽر اسڪيل تي 6.3 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جو مرڪز ملڪ جي ٽين وڏي شهر هرات کان 34 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ 10 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ هو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی