رياض-27 (اي پي پي ) سعودي عرب جي ڪابينه جو اجلاس ولي عهد وزيراعظم شهزادو محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي اڳواڻي ۾ جده ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ غزه جي صورتحال سميت مخ??لف معاملن تي بحث ڪيو ويو ايس پي اي موجب اطل??عت واري وزير سلمان الدوسري ڪابينه اجلاس ۾ ٿيندڙ ڪاروائين جي حوالي سان تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ولي عهد جو وفاقي جمهوريا جرمني جي صدر جي ٽيلي فونڪ رابطي کانسواءِ ڪويت جي وزيراعظم سان ملاقات جي حوالي سان به بحث ڪيو ويو. ڪابينه اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي حالتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن سبب پهرين غزه جي پٽي ۾ ٿيندڙ انساني الميي جي بگڙجندڙ صورتحال جي حوالي سان سيڪيورٽي ڪونسل پاران فوري جنگ بندي جي قرار داد کي ساراهيو ويو اطل??عت واري وزير چيو ته وزيرن واري ڪونسل حڪومت پاران ضروتمند خاندانن لاءِ رهائشي اسڪ??م جي حوالي سان شروع ڪيل مهم جود الاسڪان کي ساراهيندي ان کي بهترين قدم قرار ڏنو . وزيرن جي ڪونسل جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن جا فيصلا ڪ??ا ويا جنهن ۾ وزارت ثقافت يا ان پاران مقرر ڪيل نمائندي کي تاجڪستان سان گڏ ثقافتي معاملن ۾ سهڪار لاءِ اختيار ڏنو ويو وزارت پاڻي، زر??عت ۽ ماحوليات پاران جمهوريا ياداشت جي منظوري ڏني وئي ڪابينا اجلاس ۾ حج سيزن دوران عارضي بنيادن تي مخ??لف ملڪن مان درآمد ڪيل افرادي قوت جي وزيرن جي فيس حڪومت پاران ادائيگي جي فيصلي کي جاري رکيو ويو .
سعودي عرب جي ولي عهد جي سربراهي ۾ ڪابينه اجلاس، غزه جي صورتحال ۽ ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔