پيرس_28 ڊسمبر(اي پي پي) فرانس جي صدر ايما نويل ميڪرون اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ غزه ۾ وڏي تعداد ۾ عام شهرين جي موت ۽ انساني هنگامي صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو، فرانس جي صدارتي محل مان جاري ڪيل بي??ن موجب اسرائيلي وزيراعظم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ايما نويل ميڪرون فلسطيني شهرين جي تحفظ لاءِ اسرائيل جي ذميواري،غزه جي ماڻهن کي امداد پهچائڻ جي فوري ضرورت ۽ علائقائي ۽ عالمي شراڪت دران پاران دير پا جنگ لاءِ ??م ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو، فرانس جي صدر چيو ته ??ن مقصد لاءِ انهن جو ملڪ ايندڙ ڏينهن ۾ اردن سان گڏجي غزه ۾ انسان?? همدردي جي بنياد تي امدادي سرگرميون ??رو?? ڪندو، هن اسرائيل تي زور ڀريو ته هو اولهه ڪناري ۾ ف??سطيني شهرين خلاف يهودي آبادڪارن جي تشدد کي روڪڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي ۽ ڪنهن به يهودي وسندي جي تعمير جي نئين منصوبي تي عمل در آمد نه ڪري ڇاڪاڻ ته اهڙا قدم فلسطين جي مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ خطرو آهن.
فرانس جي صدر جو اسرائيلي وزيراعظم کي ٽيليفون، غزه ۾ وڏي تعداد ۾ عام شهرين جي موت تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : رومن دولت