واشنگٽن – 16 نومبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان آمريڪي تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگر??ن جي انگ ۾ اضافي کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي اميد ڏيکاري آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعا??ن کي وڌائڻ جي لاءِ جاري ڪوششن تحت موجوده تعداد کي ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻيڻو ڪيو ويندو. پاڪستاني سفارتخاني مان جاري بيان موجب مسعود خان چيو ته مختلف آمريڪي تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگر??ن جو وڌندڙ انگ نه رڳو تعليمي شعبي ۾ ويجهي سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو بلڪه مستقبل ۾ مضبوط ٻطرفن ناتن جي ضمانت به آهي. هن چيو ته پاڪستاني شاگردن کي سائنس، ٽ??ڪنالوجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي (ايس ٽي اي ايم) جي مضمونن ۾ وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ تي ??يان ڏنو ويو آهي ته جيئن هو انهن مضمونن ۾ آمريڪي مهارت ۽ علم مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری