قاهر_13 سيپٽمبر(اي پي پي) مصر مراڪش ۾ زلزلي ۽ لبيا ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، ميڊيا رپ??رٽ?? موجب مصر جي صدارتي آفيس مان جاري بيان ۾ صدر عبدالفتاح السيسي فوجي ڪمانڊرن سا?? ملاقات ۾ مراڪش ۽ ليبيا کي هوائي ۽ سا??ونڊي رستي ذريعي هنگامي انساني امداد رواني ڪرڻ ۽ هر طرح جو انساني سهڪار ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو آهي،بيان موجب عبدالفتاح السيسي مراڪش ۾ زلزلي ۽ ليبيا ۾ ??وڏ سبب انهن جي ملڪن سا?? تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مراڪش ۽ ليبيا جي ڀائرن سا?? يڪجهتي جي اظهار لاءِ مصر ۾ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، واضع رهي ته مراڪش جي گهرو وزارت جمعي تي آيل زلزلي سبب هن وقت تائين ٽي هزار فوتگين ۽ 2562 زخمين جي تصديق ڪئي آهي،ليبيا جي حڪومتي ذريعن موجب ملڪ جي اوڀر ۾ ??وڏ سبب فوتگين جو انگ ٽي هزار ٿي ويو آهي،ريڊ ڪريسنٽ گم ٿي ويل ماڻهن جو انگ 10 هزار ٻڌايو آهي.
مصر پاران مراڪش ۾ زلزلي ۽ لبيا ۾ ٻوڏ سبب فوتگين تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2