ا??لا?? آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 81 مهين?? جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، اهو منصوبو پاڪستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو?? حڪومت معاشي سڌار?? جي پاليسي تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي پر اها رڳ?? شروعات آهي. هن چيو ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي، اهو منصوبو پاڪستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو?? حڪومت معاشي سڌار?? جي پاليسي تي گامزن آهي. هن چيو ته 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.1 سيڪڙو تي اچي وئي، پاڪستا?? جي اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي ٻي بهترين مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي?? حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي. هن چيو ته عوام جي مشڪلاتن جو احساس هو، عوام جي مشڪلات?? جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انشاءَ الله عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.
وزيراعظم پاران مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک