اسلام آباد – 27 ?? نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن روانو ٿي ويو. و??ير????ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير????ظم محمد شهباز شر??ف بيلاروس جي صدر کي الوداع ڪيو. دوري دوران ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. بيلاروس جي صدر سان گڏ بيلاروس جون اهم ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو جنهن پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان ڪامياب ۽ لاڀائتيُون ملاقاتون ڪيون. و??ير????ظم بيلاروس جي صدر کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جو فوٽو البم پڻ پيش ڪيو. نائب و??ير????ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر