لاهور – 27 نومبر (اي پي پي ) مشهور افسانه نگار ب??نو قدسيه جو 96 هون جنم ڏينهن 28 نومبر خميس تي ملهايو ويندو. راجه گدهه جهڙي شاهڪار ناول جي ليکڪه بانو قدسيه 28 نومبر 1928ع تي اوڀر پ??جاب جي ضلعي فيروزپور ۾ پيدا ٿي ۽ هندستان جي ورهاڱي بعد لاهور اچي وئي. اردو ا??ب سان تمام گهڻي لڳاءَ سبب هن اردو ۾ ڪيترائي ناول لکيا جنهن ۾ راجه گدهه ۽ امر بي?? ايترا ته گهڻا مشهور ٿيا جو سندس نالو بهترين ناول نگارن ۾ شامل ٿي ويو. بانو قدسيه اسٽيج شو ۽ ٽيلي ويزن لاءِ پڻ پنجابي ۽ اردو زبان ۾ ڊرامه اسڪرپٽ لکندي هئي. سندس پهترين لکڻي ۽ ادب ۾ بهترين ڪارڪردگي تي 1983ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان کيس هلال امتياز ۽ 2010 ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. جڏهن ته هن 2012ع ۾ ڪمال فن ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيو. بانو قدسيه شديد بي??اري سبب 4 فيبروري 2017ع تي لاڏاڻو ڪري وئي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ