اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر سر??ار اياز صادق بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادري کي مبارڪون ڏنيون آهن. قوم?? اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ اسپيڪر چيو ته بابا گرونانڪ انسانيت سان محبت، امن، ڀائيچاري ۽ برابري جو درس ڏنو، هو مذهبي رواداري، بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي حمايت ڪندڙ هو. سر??ار اياز صادق چيو ته بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا. پاڪستان جو آئين اقليتن کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ ۽ مذهبي رسمون ملهائڻ جي مڪمل آزادي ڏي ٿو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين اقليتن کي ??رابر حق حاصل آهن. سک برادري سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جو ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪر??ار ساراهه جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس