ملتان-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گي??اني چيو آهي ته ڏکڻ ??نجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ۽ انه?? کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سرڪٽ هائوس ۾ پنجاب جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فواد هاشم رباني سان ملاقات دوران ڪئي. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر علي موسيٰ گي??اني ۽ اڳوڻو ??يم پي اي سيد مجتبيٰ گي??اني به ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري ان موقعي تي سينيٽ چيئرمي?? کي ڏکڻ ??نجاب ۾ جاري رٿائن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. سيد يوسف رضا گي??اني ان موقعي تي چيو ته ڏکڻ ??نجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي شفافيت تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ملتان ۾ جن سرڪاري ادارن جي آفيسرن جون بدليون ٿيون اتي مستقل آفيسر مقرر ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت کي سفارشون موڪليون وڃن. مزارن جي سيڪيورٽي جا به انتظام ڪيا وڃن ۽ قلعه ڪهنه قاسم باغ ۽ ڀرپاسي ۾ حددخلين جو خاتمو ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين ٻُڌايو ته ??ند?? سفارش تي اٽلي جي حڪومت تاريخي قلعي کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ 10 ملين ڊالرن جا فنڊز فراهم ڪيا هئا پر اهي فنڊ به مڪمل طور تي خرچ نه ٿي سگهيا جنهن تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل