اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان آئين موجب اقل??تن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي زندگي جي هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اقل??تن جي ڏينهن جي حوالي سان ايوان صدر ۾ منعقد تقريب ک?? خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته اقل??تن جي حقن جو تحفظ منهنجي آئيني ذميواري آهي جنهن جو مون حلف کنيو آهي. هن چيو ته سرڪاري سطح تي اقل??تن جي ڏينهن کي ??لهائڻ جو مقصد پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف مذهبي اقليتي برادرين جي ماڻهن جي اڻٿڪ خدمتن جو اعتراف ڪرڻ آهي. قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقل??تن جي ڪردار کي ساراهين??ي صدر چيو ته اقليت پاڪستان جا برابر جا شهري آهن، ??نهن کي به ترقي جو ايترو ئي حق آهي جيترو ٻين شهرين کي حاصل آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي اهميت تي زور ڏين??ي صدر چيو ته قائداعظم جي تعليم تي مڪمل عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي جنهن جو مقصد معاشري ۾ اتحاد، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري کي ??روغ ڏيڻ آهي. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، ??الم سڳورن، مذهبي اڳواڻن، ??فارتي ڪور جي ميمبرن، ميڊيا ۽ مختلف اقل??تن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڀارت جي موجوده صورتحال جو ذڪر ڪن??ي صدر چيو ته ”مودي جو ڀارت اقل??تن جي لاءِ غيرمحفوظ آهي“، قائداعظم جي بصرت آميز شخصيت پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ انهن حالتن جو اندازو لڳائي ڇڏيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي عوام سدائين انسانيت جي ڏک ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي درد کي ??حسوس ڪيو ۽ هتي رهندڙ سمورن اقل??تن کي ??ناسب احترام ۽ مقام ڏنو. ان سلسلي ۾ هن سنڌ جي مشهور صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ شعر به ٻڌايو. صدر اقل??تن جي لاءِ مختلف سرڪاري ادارن ۾ ميرٽ جي بنياد تي نوڪرين جا موقعا وڌائڻ کانسواءِ موجوده نوڪرين جي ڪوٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. تحريڪ پاڪستان جي واقعن کي ??اد ڪندي هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن تحريڪ پاڪستان ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. صدر غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جو ذڪر ڪندي چيو ته ظالماڻا ۽ انڌاڌنڌ حملا سمورن فلسطينين ۽ مختلف مذهبن جي ماڻهن کي ??شانو بڻائي رهيا آهن. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين تقريب ک?? خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي ??ذهبي آزادي حاصل آهي ۽ اهي پيار، ڀائيچاري ۽ امن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان پيغام کي ??وري دنيا ۾ ڦهلائڻ گهرجي. مختلف آئيني آرٽيڪلز جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي شقن تحت اقل??تن کي انهن جي حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي، ان کانسواءِ اسلامي تعليم ۾ پڻ اهڙن حقن تي زور ڏنو ويو آهي. آرچ بشپ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ڊاڪٽر جوزف ارشد، هندو برادري جي نمائندي هارون سرب ديال، سک برادري جي نمائندي سردار گرپال سنگهه، بهائي برادري جي نمائنده ڊاڪٽر سيما فرزاد ۽ قومي اسيمبلي ۽ پارسي برادري جي نمائندي اسفنديار ايم ڀانڊا پڻ ان موقعي ت?? خطاب ڪيو. انهن اقل??تن جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليت زندگي جي سمورن شعبن ۾ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع جي پنهنجي تاريخي تقرير ۾ سمورن مذهبي اقل??تن جي لاءِ برابر حقن ۽ مذهبي آزادي جو عزم ڪيو هو. خطاب ڪندڙن قومي سطح تي اقل??تن جي ڏينهن کي ??لهائڻ ۽ تازو ئي ڪرسچن ميرج ايڪٽ تي صدر پاران صحيحون ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان آئين موجب اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي زندگي جي هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa