اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آزاد ڪ??مير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ انوار الحق ڪشمير جي يوم استحصال جي ڏهاڙي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع واري غيرقانوني قدمن جي سخت مذمت ڪئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته آزاد ڪ??مير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي سرعام ڀڃڪڙي ڪندي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) ج?? خاتمو ڪري ڪشميرين جو بدترين استحصال ڪيو. گذريل پنجن سالن کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ قلم 144 لاڳو آهي، 5 سالن ۾ هزارين بيگناهه ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن جن ۾ معصوم ٻار، بزرگ ۽ عورتون شامل آهن. هن چيو ته اڄ پوري قوم پرعزم انداز ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهائي رهي آهي. ڏکڻ ايشيا جو جٽادار امن ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل سان جڙيل آهي. آزاد ڪ??مير جي وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ کي دنيا آڏو هندستان جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ عالمي تنظيمن سميت عالمي ميڊيا جي داخل ٿيڻ تي پڻ پابندي پيل آهي. وقت اچي ويو آهي ت?? عالمي برادري، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جو تدارڪ ڪن. گهرو وزير محسن نقوي آزاد ڪ??مير ۾ امن لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪ??مير ۾ امن لاءِ اڳ ۾ به ڀرپور سهڪار ڪيو هو. اڳتي به سهڪار جاري رکنداسين. آزاد ڪ??مير جي سيڪيورٽي بابت ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو. آزاد ڪ??مير جي وزيراعظم امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری