اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته فتوائون جاري ڪرڻ ۽ رياست اندر رياست بڻائ?? جي ڪوشش جي اسان سڀني کي مذمت ڪرڻي پوندي، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ قانوني حدون پار ڪر?? جي اجازت نه ڏني ويندي، دهشتگردي ۽ عدم برداشت معاشري کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، چيف جسٽس سٺي ساک رکندڙ آهي، انارڪي ۽ ڏڦيڙ جو سبب بڻجندڙ بيانن جي ڪنهن ??ي به اجازت نه ڏني ويندي. پاڪستان بار ڪائونسل ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ڳالهائي??دي هن ??يو ته افغان جنگ کانپوءِ پاڪستان ۾ وڏيون تبديليون آهن، پاڪستان جو سماجي چهرو گهڻي حد تائين تبديل ٿيو آهي، هڪ وڏو چئلينج دهشتگردي ۽ عدم برداشت جي صورت ۾ سامهون آيو، سماجي ۽ مذهبي سطح تي اهڙن روين اسان جي معاشري کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. هن ??يو ته فتويٰ جاري ڪرڻ ۽ رياست اندر رياست بڻائ?? جي رواج جي اسان سڀني کي مذمت ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس جي حوالي سان جيڪي خبرون سامهون آيون ته هڪ گروه پنهنجو قانون مڙه?? جي ڪوشش ڪئي ۽ فتويٰ جاري ڪئي آهي، اهو نه رڳو مذمت جو??و آهي پر اهو ڏوهه ب?? آهي ان تي ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، ان تي گرفتاريون ٿينديون ۽ رياست جي ان تي زيرو ٽالرنس هوندي. هن ??يو ته هر شيءَ جي هڪ حد هو??دي آهي. رياست انساني حقن يا اظهار راءِ جي آزادي جي ويس ۾ ڪنهن ??ي به اها اجازت نه ڏي??دي ته جنهن ??ي جيڪو وات ۾ اچي اهو چئي ڇڏي، جتي قانون جي حد پار ٿي??دي يا قانون ٽوڙيو ويندو ته قانون حرڪت ۾ ايندو. هن ??يو ته اسان کي مسلمان هجڻ ۽ پنهنجي ايمان تي فخر آهي، اسان جي والدين جي تربيت آهي ته اسان جو الله تعاليٰ جي ذات تي ڪامل ايمان آهي. اسان حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جا امتي آهيون ۽ ان سان محبت ڪريون ٿا پر اسان جي دين اسان کي اهو سبق ڏنو آهي ته ڪهڙو ڪم رياست جي ڪرڻ جو آهي ۽ ڪهڙو ڪم ماڻهو جي ڪرڻ جو آهي، اسان کي ان سبق کي نه وسارڻ گهرجي ۽ ڪنهن ??ي به اها اجازت نه هجڻ گهرجي ته رياستي معاملن کي پنهنجي هٿن ۾ کي يا ڪنهن جي جان جي باري ۾ فتويٰ جاري ڪري. هن ??يو ته اسان کي پنهنجي نصاب ۾ مذهبي عدم برداشت، سماجي عدم برداشت ان تي به ڪم ڪر?? جي ضرورت آهي، اسان اهو نسل تيار ڪريون جيڪو هن ملڪ کي واپس امن ۽ سڪون طرف وٺي اچي، اسان کي ان بدعتن ۽ فرقن مان ڪڍي. هر پاڪستاني جي حفاظت رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪندڙ ڪو به ماڻهو پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ تصور نه ڪري. هن ??يو ته چيف جسٽس آف پاڪستان هڪ وڏو نيڪ نالو ۽ اصول پسند جج آهي، هو پاڪستاني آهي، قانون ۽ شعريت موجب فيصلا ڏي ٿو، ڪنهن شخص کي اهو حق ناهي ته هو ڪنهن عدالتي فيصلي جي حوالي سان ڪنهن ??ي قتل ڪر?? جي ڌمڪي ڏي يا فتويٰ جاري ڪري. حڪومت پوري طرح پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، صوبائي حڪومتون به رابطي ۾ آهن، اها هڪ مهم آهي جنهن ??ي اسان کي روڪڻو آهي، ان تڪليف ڏيندڙ صورتحال مان اسان سڀني کي ملڪ کي ڪڍڻو آهي.
فتويٰ جاري ڪرڻ ۽ رياست اندر رياست بڻائڻ جي ڪوشش جي اسان سڀني کي مذمت ڪرڻي پوندي: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک