اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنگاپور جي ڪاروباري ادارن سان ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري رابطن جي فرو?? لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ??ه سنگاپور جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ??ه سنگاپور ۾ پاڪستا??ي خوراڪ ۽ زرعي مصنوعات جي برآمدات جا موقعا ڳولڻ گهرجن. پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. آصف علي زرداري چيو ??ه پاڪستاني افرادي قوت سنگاپور موڪلڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري رابعه شفيق کي بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena