اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي 2024ع جي ??ونڊن جي ??وريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين ۽ مي??يا پرسنز جي سهولت لاءِ مي??يا هيلپ لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ منعقد مي??يا هيلپ لائين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 8 فيبروري تي چونڊون منعقد ڪرڻ پاڪستان جي عوام سان اسان جو واعدو هو، 17 آگسٽ 2023ع کانپوءِ نگران حڪومت پنهنجي ٻين ذميوارين ۽ معاملن کي سرانجام ڏيڻ کانسواءِ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي هر قسم جي مدد ڪئي. هن چيو ته چونڊن ۾ هاڻي رڳو ٻه ڏينهن باقي رهجي ويا آهن، پاڪستان جي هڪ سياسي جمهوري تاريخ آهي، پاڪستان جي پهرين بالغ راءِ ڏيندڙن جي ??ونڊ 7 فيبروري 1970ع تي ٿي ۽ چونڊن جو ه?? عمل انهي جو تسلسل آهي. هن چيو ته ملڪ جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا ۽ اسان ان طرف گامزن آهيون. پاڪستان جي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام 8 فيبروري 2024ع تي ووٽ جو حق استعمال ڪري پنهنجا نمائندا چونڊيندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته موجوده ڊيجيٽل مي??يا جي دور ۾ اسان کي پنهنجي ??م جي طريقن کي جديد ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ت?? مي??يا هيلپ لائين پليٽ فارم انٽرنيٽ جي سهولت سان ليس ڪنهن به موبائيل، ٽيبليٽ، ڪمپيوٽر ڊيوائس جي برائوزر جي ذريعي پهچ جوڳي هوندي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود چيو ت?? مي??يا هيلپ لائين جي ذريعي صحافين ۽ مبصرن کي هڪ آن لائين پليٽ فارم ميسر آيو آهي جتي اهي پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهندا. هن چيو ت?? مي??يا هيلپ لائين سان مختلف ڊپارٽمينٽس بشمول گهرو وزارت، پوليس، انتظاميا، اليڪشن ڪميشن، پيمرا، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۽ پي آءِ ڊي جي صوبائي آفيسن کي ڳنڍيو ويو آهي. ان هيلپ لائين جو بنيادي مقصد درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. پرنسپل انفارميشن آفيسر وڌيڪ چيو ته 7 فيبروري تي اليڪشن جي حوالي سان پي آءِ ڊي ۾ مي??يا سيل جو افتتاح پڻ ڪي?? ويندو. هن چيو ته ٻين صوبن ۾ پي آءِ ڊي جي سمورين آفيسن ۾ به اليڪشن سيلز قائم ڪيا ويندا. تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي سوالن تي ڊاڪٽر طارق محمود چيو ته هي هيلپ لائين رڳو اليڪشن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي پر اليڪشن کانپوءِ به ان جي تسلسل تي غور ڪي?? ويندو. اطلاعات واري وزارت ج?? عملدارن ان موقعي تي ٻڌايو ته شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ضابطه اخلاق بابت شڪايتن جو فوري ازالو ڪي?? ويندو.
مرتضيٰ سولنگي پاران 2024ع جي چونڊن جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين ۽ ميڊيا پرسنز جي سهولت لاءِ ميڊيا هيلپ لائين جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria