اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي درپيش صحت جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صحت جي عالمي ا??ار?? سان حصي??ار?? وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن جي حوالي سان رويي ۾ مثبت تبديلي آئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صحت جي عالمي ا??ار?? جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا سان ملاقا?? دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر حڪومتي قدمن جي سپورٽ ڪرڻ ۽ بنيا??ي صحت جو نظام مضبوط بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار کي ساراهيو. صدر گهر جي سطح تي ذه??ي صحت جي اهميت ۽ شروعاتي مشاورت بابت بي??ار?? پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خاندانن ۾ ذهني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ذه??ي صحت جي ٽول ڪِٽ جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا پاڪستان جو صحت جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته صحت جو عالمي ا??ار?? پاڪستاني عوام جي صحت بهتر بڻائڻ جي لاءِ تعاون جاري رکندو. صدر چيو ته ذه??ي صحت تي معاونت جو نظام قائم ڪرڻ، معياري ذه??ي صحت جي خدمتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي ڌرين جي تعاون ۽ خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا بريسٽ ڪينسر، ذه??ي صحت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن سميت صحت جي مختلف مسئلن تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ صدر ۽ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. صدر پاڪستان جي صحت جي شعب?? کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا جي ڪردار ۽ عزم کي ساراهيو.
پاڪستاني معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن جي حوالي سان رويي ۾ مثبت تبديلي آئي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش