اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستا?? جي عوام کي گلگت بلتستا?? جي آزادي جي جنگ جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گلگت بلتستا?? جي ماڻهن کي بي مثال قربانين سان آزادي جي نعمت ملي، پاڪستان حڪومت گلگت بلتستان ۾ ترقي، امن، خوشحالي ۽ نوجوان نسل جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي، قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشم?? جي ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستا?? جي جنگ جي آزادي جا 76 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ??ڄ جو ڏينهن گلگت بلتستان ۽ پوري پاڪستا?? جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ اسا?? جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ کان 76 سال اڳ گلگت بتلستا?? جي غيرتمند عوام پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڊوگره ر??ڄ جي خلاف ڪيپٽن مرزا حسن خان ۽ صوبيدار ميجر بابر جهڙن بهادر ۽ جرئتمند اڳواڻ?? جي قيادت ۾ بنا ڪنهن هٿيار?? جي باوجود انتهائي بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪيو ۽ هندو سامراج جي ڪٺ پتلي گورنر گهنسارا سنگهه کي هٿيار اڇلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ گلگت بلتستا?? جي بهادر ماڻهن پاڪستان سان الحاق کي ترجيح ڏني. هن چيو ته گلگت بلتستا?? جي آزادي اسان جو اثاثو ۽ سرمايو آهي ۽ پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪارنامو آهي جنهن جو تاج گلگت بلتستا?? جي رهواسين پهرين نومبر 1947ع تي پاڻ پاڪستا?? جي مٿي تي سجايو ۽ پنهنجي غ??رمشروط، بي مثل ۽ والهاڻي محبت سان ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان پاڪستا?? جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. اهو ئي سبب آهي جو پورو ملڪ ان علائقي جي حب الوطني جي جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن جرئتمند ماڻهن سدائي?? جي لاءِ دشمن کي اهو به باور ڪرائي ڇڏيو ته گلگت بلتستان پاڪستان جو حصو هو، آهي ۽ انشاءَ الله سدائين رهندو. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جا ماڻهو خوش قسمت آهن جو انه?? جي بي مثال قربانين سان آزادي جي نعمت ملي پر افسوس جو ڀارت جي غ??رقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا مسلمان اڄ تائين ڀارت جي غاصباڻي چنبي ۾ جڪڙيل آهن. جيتوڻيڪ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جون واضح قراردادون موجود آهن پر ڀارت جي هٺ ڌرمي ۽ عالمي طاقت?? جي خاموشي جي ڪري ڪشمير مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته آئون اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي غ??رقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري?? جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين انهن کي گڏيل قوم?? جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ آئون عالمي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي پرامن حل چاهيون ٿا ۽ قبله اول جي زمين تي اسرائيل جي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي دنيا ان ??قي??ت کان چڱي ريت واقف آهي ته گلگت بلتستان بهترين موقعن ۽ امڪان?? جي سرزمين آهي، قدرتي ۽ معدني وسيلن ۽ عوام جي بي پناهه صلاحيتن سان گلگت بلتستان خطي جو اقتصادي ۽ سياحتي مرڪز بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان سميت پوري پاڪستا?? جي روشن مستقبل جي لاءِ اسان سڀني کي اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪندي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشم?? جي ڪڌي مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت گلگت بلتستان ۾ ترقي، امن، خوشحالي ۽ نوجوان نسل جي ترقي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.
قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت