اسلام ??باد-15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 12 آگسٽ کانپوءِ قائم ٿيندڙ نگران حڪومت به آءِ ايم ايف سان معاهدي جو احترام ??اري رکندي، اليڪشن کانپوءِ عوام ??يڪڏهن چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي م??د سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري آڻينداسين. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم آءِ ايم ايف جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جورجيوا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ايف جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته آءِ ايم ايف کي م??ضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي سبب خدشا هئا، مون کي يقين آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي واعدن کي پورو ڪندو، ايم ڊي آءِ ايم ايف چيو ته وزيراعظم پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ معاهدو پورو ڪرڻ جي دانشمندي جو عزم ڏيکاريو. وزيراعظم جيڪا ليڊرشپ ڏيکاري اها لائق تحسين ۽ قابل تعريف آهي ۽ ان ئي سبب اسان پاڪستان جي م??د ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هاڻي م??بوط شراڪتداري ۽ گڏيل اعتماد بحال ٿي چڪو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف جو اهم ميمبر آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي هر ممڪن حد تائين مدد ڪندو رهندو. هن وزيراعظم سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو قيمتي لفظن تي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو شڪر گذار آهي. وزيراعظم چيو ته پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف راست گوئي ۽ هاڪاري انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته معاشي ٽيم سان ملاقات ۾ هن واضع ڪيو هو ته معاهدي جي ڪا به خلاف ورزي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته 12 آگس?? تائين اسان جي حڪومت آهي، ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي. نگران حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جو احترام ??اري رکندي. وزيراعظم چيو ته اليڪشن کانپوءِ جيڪڏهن عوام ??سان کي چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي م??د سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا جي بهت??ين ۽ لذيذ ت??ين انب پيدا ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف لاءِ احترام ??ي جذبي طور هو انبن جو تحفو موڪلي رهيو آهي. وزيراظم ايم ڊي آءِ ايم ايف جي پيشيواراڻي مهارت، ليڊرشپ ۽ غريب عوام لاءِ جذبي ۽ احساس کي به ساراهيو ۽ چيو ته هن جهڙي طرح پاڪستان جي م??د ڪئي آهي ان جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن. ايم ڊي آءِ ايم ايف سان پيرس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو هو. وفاقي وزير اسحاق ڊار پنهنجي م??اشي ٽيم سان گڏجي ڏينهن رات ڪوشش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم پنهنجي م??اشي ٽيم کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي هر سوال جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪ??ي هئي. انهن شرطن تي سوالن جي جوابن سان آءِ ايم ايف معاهدو ٿيڻ جي راهه هموار ٿي. وزيراعظم ٻنهي ڌ??ين کي م??اهدي تي م??فق ٿيڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم جي انهن ڪوششن ۽ رابطن سبب 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو.
نگران حڪومت به آءِ ايم ايف سان معاهدي جو احترام جاري رکندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جورجيوا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ