اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرو??ز اشرف حج جي سعادت ماڻيندڙن کي حج جون مبارڪون ڏيندي الله تعاليٰ کان سموري عالم اسلام جي ترقي ۽ خوش??ال?? ۽ درپيش ڏکيائين مان نجات لاءِ دعا ??ئي آهي. يوم عرفه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي حڪومتن ۽ خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته حج اسلام جو هڪ اهم رڪن آهي جيڪو الله تعاليٰ جي رضا، خوشنودي ۽ مغفرت طلب ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. هن چيو ته حاجي سڳورا حج دوران جيڪي تڪليفون برداشت ڪندا آهن الله پاڪ طرفان ان جو عظيم اجر کين ملندو آهي ۽ ان ٻانهي جا پويان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ م??لم??نن کي حج جي عظيم سعادت سان نوازي ۽ اسان سڀني کي بار بار پنهنجي گهر جي حاضري نصيب فرمائي. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هن برڪت واري ڏينهن جي صدقي سموري عالم اسلام تي پنهنجو خاص فضل ۽ ڪرم ۽ مهرباني فرمائي ۽ اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي مالي، معاشي ۽ سياسي ڏکيائين مان نجات عطا فرمائي. الله تعاليٰ والاريل فلسطين ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جاري ڪوششن کي ڪامياب ڪري. الله تعاليٰ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ رهندڙ مظلوم انسانن کي ظالمن جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري. هن دعا ??ئي ته اسان جي ڪوششن عيوض ايندڙ وقت ۾ دنيا ۽ ملڪ ۾ استحڪام اچي ۽ ترقي ۽ خوش??ال?? جون منزلون طعي ٿين.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان حج جي سعادت ماڻيندڙن کي حج جون مبارڪون، عالم اسلام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڏکيائين مان نجات لاءِ دعا
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ