اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ترقياتي بجيٽ ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1150 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته صوبن جي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1559 ارب رپيا آهي. اهڙيءَ طرح قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 2709 ارب رپيا هوندو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته ترقياتي بجيٽ ذريعي معيشت جي استعداد ڪار ۾ واڌ، بهتر انفراسٽرڪچر جي ف??اهمي، افرادي ترقي، ريجنل اي??ويٽي ۽ انويسٽمينٽ ۾ ??اڌ جهڙا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1150 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته صوبن جي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1559 ارب رپيا آهي. اهڙيءَ طرح قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 2709 ارب رپيا هوندو. هي رقم جي ڊي پي جو صرف 2.6 سيڪڙو آهي. مسلم ليگ (ن) پنهنجي گذريل حڪومتي دؤر ۾ ترقياتي خرچن جو ڳاڻيٽو جي ڊي پي جي تقريبن 5 سيڪڙو تائين پهچائي ڇڏيو هو. گذريل 4 سالن جي تباهي ۽ برباديءَ سبب ترقياتي ??سي??ا اڌ رهجي ويا آهن. ٻي طرف ملڪ جي ترقياتي ضرورتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي. هي صورتحال ان ڳا??هه جي گهرجائو آهي ته ترقياتي خرچ ملڪ جي اهم ترين ترجيحن تي خرچ ڪيا وڃن.
ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1150 ارب رپيا رکيا ويا آهن: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔