اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سمورين مشڪلاتن باوجود پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، جهڙي طرح سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي تقريبن جي ٽن ڏينهن ۾ هتي امن، نظم ۽ ضبط ۽ هڪٻئي جو ??حترام ۽ برداشت جو ڪلچر ڏٺو الله ڪري اهو سلسلو سدائين برق??ار رهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي جون تقريبون منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين کي مبارڪون ڏيندي هن چيو ته اسان کي پنهنجي وڏڙن طرفان ڌار ملڪ قائم ڪرڻ جي مقصدن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، هن ٽن ڏينهن وارين تقريبن دوران امن، ڊسيپلين ۽ برداشت کانسواءِ هڪٻئي جو ??حترام ڏٺو، هي ڪنهن به مهذب پارليامينٽ ۽ جمهوري نظام جو ??نياد آهي، منهنجي دعا آهي ته هي ماحول جيڪو هتي نظر آيو اهو سدائين قائم ۽ دائم رهي. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان عالمي معيارن موجب پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري رهيو آهي، رابطا ۽ شفافيت پارليامينٽ لا??ِ اهميت رکندڙ آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انتظامي ۽ پاليسي قدمن سان وفاق، جمهوريت ۽ گورننس مضبوط ٿيندي، سينيٽ جي ڪارروائي ۾ عوامي شرڪت بهترين قدم آهي، ان سان عوام جو پارلياماني جمهوريت تي اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته هي جمهوريت، پارليامينٽ، قانونسازن ۽ پاڪستان جي عوام لا??ِ وقت ??هي ان سان گڏوگڏ هي وفاق ۽ وفاقي ٿنڀن جو وقت ??هي، هن چيو ته 50 سال اڳ هن سينيٽ جو قيام پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب آهي ۽ ان سان وفاق پاڪستان کي استحڪام مليو، هن چيو ته موجوده چيئرمين سان گڏوگڏ اڳوڻي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي به مبارڪون ڏيون ٿا جنهن وفاق کي درپيش مسئلن جو هتي ذڪ?? ڪيو. هن چيو ته چئلينجن جي باوجود هڪ روشن مستقبل پنهنجي سامهون نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي محبوب وطن ۽ پنهنجي عوام لا??ِ روشن مستقبل نظر اچي رهيو آهي، ڪلمي جي بنياد تي حاصل ٿيل ملڪ کي الله هر طرح جي خطرن کان محفوظ رکي.
سمورين مشڪلاتن باوجود پاڪستان جو مستقبل روشن آهي: وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ