اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته عورتن کي برابر حقن جي فراهمي ۽ خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي ??هول??ن تائين انهن جي پهچ وڌائڻ معاشري جي ??رقي جي لاءِ اهم ??هي. عورتن جي ??المي ڏهاڙي جي مناسبت سان اڳوڻي سفير نائله چوهاڻ جي پينٽنگ جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه علوي عورتن کي برابر موقعا فراهمڪري انهن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن انهن کي پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ”آرٽ فرام دي هارٽ“ جي ??نوان سان سولو نمائش ۾ عورتن جي ??دوجهد جي ??ڪاسي ڪئي وئي آهي. ثمينه علوي عورتن بابت صحت جي مسئلن بشمول ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ دماغي مرضن بابت بيداري پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي مختلف نوعيت جا نفسياتي مسئلا درپيش آهن، جن جي ??ڪثريت عور??ن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته صدر ۽ هو پاڻ سماجي ??عبي ۾ خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، عورتن جي مالي شموليت، خصوصي ماڻهن ۽ دماغي صحت بابت مسئلن ۾ غيرمعمولي ڪم ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ايوان صدر پاڪستان ۾ ذهني صحت جي ??هول??ن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ دماغي صحت جي مرضن جي ??وڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪوشش ڪري سگهجي. هن چيو ته مختلف ڌرين جي مدد سان طبي مشورا فراهم ڪرڻ جي لاءِ دماغي صحت جي هيلپ لائين ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل چيٽ بوٽس جي ??روعات ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هڪ سرڪاري اسپتال ۾ اسڪريننگ سينٽر پاران ڪيل تازي تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 32 سيڪڙو جواب ڏيندڙن ٻڌايو ته ميڊيا جي ??ريعي انهن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ اسڪريننگ بابت معلومات حاصل ڪئي. ثمينه علوي عورتن بابت مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نائله چوهاڻ جي پينٽنگز کي ساراهيندي چيو ته آرٽ، سفارتڪاري جو هڪ موثر ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي اڳوڻي سفير نائله چوهاڻ چيو ته ان جي پينٽنگز سماجي ۽ عورتن جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهن. هن چيو ته عورتن جي ??قن جي لاءِ ان جي مضبوط وڪالت جي ??عتراف ۾ يونيسڪو ان جي پينٽنگز جي هڪ سولو نمائش جو انعقاد ڪيو، جيڪا 2002ع کان پيرس ۾ ان جي هيڊڪوارٽر ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رکي وئي آهي. ڊائريڪٽر جنرل پي اين سي اي ايوب جمالي چيو ته پي اين سي اي ملڪ جي ??هم ??خن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪميونٽي جي ??رڪت جي ??وصلا افزائي ڪري ٿي. نائله چوهاڻ جي پينٽنگز جي نمائش 9 مارچ تائين کليل رهندي ۽ ان سان ملندڙ رقم عطيو ڪئي ويندي.
عورتن کي برابر حقن جي فراهمي معاشري جي ترقي جي لاءِ اهم آهي: بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل