اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ ف??ول الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا بيان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ڀارت جي ناڪامي تي وڌندڙ مايوسي جا عڪاس آهن. ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪستان جي خلاف تازن بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جا جو??ب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ ف??ول الزامن کي رد ڪري ٿو. ترجمان چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت مظلوميت جو فرضي داستان ۽ پاڪستان مخ??لف پروپئگنڊه جي ذريعي عالمي ب??اد??ي کي گمراهه ڪرڻ جي ڪڌي م??م ۾ مصروف آهي، اهو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. مسلسل پاڪستان مخ??لف بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ڀارت جي نڪ جي پڪائي سان ملوث هجڻ جي حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي ۽ نه ئي اهو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي تي پڙدو وجهي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران ڀارت پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ پاڪستان جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ جو سلسلو بند ڪري. رڳو ڪجهه هفتا اڳ هڪ ڊوزيئر جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ ناقابل ترديد ثبوت موجود هئا جيڪي 2021ع ۾ لاهور جي هڪ پرامن پاڙي ۾ ٿيندڙ دهشتگرداڻي حملي ۾ ڀارت جي م??وث هجڻ جي تصديق ڪن ٿا. 2007ع جي سمجهوتا ايڪسپريس سانحي ۾ ڀارتي سرزمين تي 40 کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين جي مارجڻ کان وٺي 2016ع ۾ ڀارتي بحريه جي حاضر سروس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جي پاڪستان جي اندران گرفتاري تائين، دهشتگردي ۽ تخريبڪاري ۾ ڀارت جي م??وث هجڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن.
پاڪستان پاران ڀارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ فضول الزام رد، اهڙي قسم جا بيان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ڀارت جي ناڪامي تي وڌندڙ مايوسي جا عڪاس آهن: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado