اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڪابل ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪيو ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿيو آهي. ترجمان چيو ته افغان ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ فائرنگ جي واقعي تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغان عملدارن سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائ?? اهي، واقعي کانپوءِ ڪابل ۾ سف??رت??اني جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستاني سف??رت??انو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته افغان عبوري حڪومت جي پرڏيهي ??زير اسان جي ناظم الامور سان ڳالهه ڪئي آهي، افغان پرڏيهي ??زير ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
پاڪستان ۾ افغانستان ناظم الامور پرڏيهي آفيس طلب، ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena