اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن ما?? امدادي سام??ن جي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آ??ي، هيستائين مختلف ملڪن مان 115 اڏامو?? امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آ??يس پار??ن جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ا??ڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان ا??ندڙ 13 اڏامون، ترڪمانست??ن جي هڪ، اردن جي هڪ، عالمي خوراڪ واري اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عم??ن جون 5 ۽ سعودي عرب ج??ن 2 اڏامو?? امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. امدادي اڏامن کانسواءِ ترڪيه جون 2 ٽرڪون ۽ ريل گاڏيون، تاجڪستان مان 87 ٽرڪون ۽ عمان مان پاڻي جي هڪ جهاز ذريعي به امدادي سامان پاڪستان پهچي چڪو آهي.
ٻاهرئين ملڪن مان امدادي سامان جُون مجموعي طور تي 115 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيُون
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری