اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ماءُ جي عالمي ڏينهن تي اسان سڀ گڏجي ماءُ جي عظيم رشتي کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماءُ کان وڌيڪ م??لص رشتو ڪو نه آهي، ماءُ رڳو ماءُ هوندي آهي الله تعاليٰ انسان سان پنهنجي محبت جي تعارف جو ذريعو ماءُ کي بڻايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جنت ماءُ جي پيرن هيٺ آهي ۽ ماءُ جي خدمت اصل ۾ انس??ن جي ڪردار جي گواهي هوندي آهي. وزيراعظم چيو ته اچو ماءُ جي خدمت ڪري دنيا ۽ آخرت سنواريون، مون سميت هر انس??ن جي ڪاميا??ي جي پٺيان ماءُ جي محبت، حوصله افزائي ۽ دعا اهم ذريعو هوندي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماءُ کي خاص سلام پيش ڪريون ٿا جن جا پٽ شهيد ڪيا ويا، اڄ اسان ملڪ جي عزت ۽ حرمت تي قربان ٿيندڙ شهيدن جي مائرن کي قوم جو سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته مدر ٽريسا ۽ پاڪستان ۾ 55 سال جزام جي مرض سان وڙهندڙ ڊاڪٽر رٿ فا جهڙي عظيم ماءُ کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. اسان محترمه بلقيس ايڌي کي سلام عقيدت پيش ڪريون ٿا، جنهن معاشري جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ منهنجي والده سميت اس??ن جي مرحوم مائرن کي جنت ۾ جڳهه ڏي. هن چيو ته منهنجي عظيم والده اسان کي اسلام، قرآن، رسول ڪريم ﷺ ۽ پاڪستان سان محبت ڪرڻ سيکاريو، زندگي ۾ مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، عاجزي ۽ انڪساري سيکاري اڄ جيڪو ڪجهه آهيان پنهنجي باهمت والد ۽ پنهنجي عبادتگذار والده جي دعائن ۽ تربيت جي ڪري آهي??ن جن جون مائرون سلامت آهن، انهن جي خدمت ڪريو ڇو ته ماءُ جو رشتو هڪ سانجهو ۽ عظيم رشتو آهي.
ماءُ جي عالمي ڏينهن تي اسان سڀ گڏجي ماءُ جي عظيم رشتي کي سلام پيش ڪريون ٿا: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا