مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف اسان اسلامي تعاون (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مسلمان امت جي مفادن جو فروغ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي ??زي??ن جي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي دلچسپي ۽ ان جي ڳڻتي بابت معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ??زي??اعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي او آءِ سي جي صاف ۽ مسلسل حمايت تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪيو. هن تنظيم تي زور ??نو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتي ڪوششن جي قيادت ڪري. ??زي??اعظم شهباز شريف او آءِ سي کي چيو ته مسجد اقصيٰ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ جاري اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ جامع ڪوششون ڪيون وڃن، هن زور ??نو ته اسرائيل کي مقدس ۽ مبارڪ مسجد اقصيٰ کي مختلف عقيدا رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ عارضي يا مقامي طور تي ورهائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. ??زي??اعظم افغانستان جي عوام لاءِ فوري انساني مدد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ??نو.هن زور ??نو ته عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ او آءِ سي کي پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. ??زي??اعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي سيڪريٽري جنرل قبول ڪري ورتو. سيڪريٽري جنرل ??زي??اعظم شهباز شريف کي منصب عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پي?? ڪندي او آءِ سي جي باني ميمبر جي طور تي پاڪستان جي فعال ۽ اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل لاءِ او آءِ سي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن مسلمان امت کي درپيش اهم مسئلن خاص طور تي فلسطين، افغانستان ۽ اسلامو فوبيا تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری