اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا جو مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر صلاحيتن سان واڳيل آهي، يونيورسٽيون ملڪ جو سائبر دفاع مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين، ملڪ ۾ آءِ ٽي شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يوينور??ٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ يونيور??ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽيون آن لائين تعليمي مواد جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ تحقيقي منصوبن ۾ عالمي يونيورسٽين سان حصيداري قائم ڪن. پرو ريڪٽر نسٽ ايئر وائيس مارشل ڊاڪٽر رضوان رياض صدر کي يونيور??ٽي بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نسٽ جي 8 ڪئمپسز ۾ 18 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم هيٺ آهن. نسٽ انجنيئرنگ، آءِ ٽي، بائيو ۽ سوشل سائنسز ۾ تعليم مهيا ڪري رهي آهي. صدر معياري تعليم جي فراهمي ۾ يونيور??ٽي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيو.
دنيا جو مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر صلاحيتن سان واڳيل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت