اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف مختلف واقعن ۾ ش??يد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيل??فو?? ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ص??ر اتر وزيرستان، باجوڙ ۽ ڪرم ضلعي ۾ ش??يد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونئيرن سان ٽيل??فو??ڪ رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 20 آڪٽوبر تي باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ ش??يد ٿيندڙ لانس ن??ئي?? مدثر، سپاهي جمشيد خان ۽ سپاهي صمد خان جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 26 آڪٽوبر تي ڪرم ضلعي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ش??يد ٿيندڙ سپاهي اسد ۽ سپاهي آصف جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 26 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ ش??يد ٿيندڙ سپاهي رمضان خٽڪ ۽ سپاهي روحيل هسين جي گهرڀاتين سان پڻ ٽيل??فو?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ملڪ جي لاءِ شهيدن جي خدمتن ۽ عظيم قرباني تي شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.
صدر پاران دهشتگردي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania