اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران جي پيش نظر عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ??يو?? ته پورو خطو متاثر ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب ميولوت چاوش اولو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ا??ٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جهڙي فورم جي موجودگي، ٻطرفي لاڳاپن جي ا??تحڪام جو مظهر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن تي ا??مينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ترڪي جي ا??ولي موقف ۽ پاڪستان جي موقف جي م??لسسل ۽ اڻٽر حمايت تي ترڪ قيادت جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، ترڪ قيادت پاران عالمي سطح تي م??لوم ڪشميرين جي حمايت سان انهن جا حوصلا بلند ٿيا، هن چيو ته وڌندڙ اسلامو فوبيا جي رجحان ۽ نفرت انگيز بياني کي چيڀاٽڻ لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙن فورمن تي پاڪستان ۽ ترڪي جي گڏيل ڪوششون اطمينان جو باعث آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران جي پيش نظر افغانين لاءِ معاشي ۽ انساني م??د جي غير مشروط فراهمي کي يقين?? بڻائڻ لاءِ عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ??يو?? ته پورو خطو متاثر ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان عالمي برادري جي م??د کانسواءِ پنهنجي م??دود وسيلن جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو پيو اچي، اسان جي م??يشت وڌيڪ پناهگيرن جو بار نٿي کڻي سگهي، پاڪستان خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ قيام امن کي اڻٽر سمجهي ٿو.
افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران بابت عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب