اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جي عڪاس آهي، 23 مارچ جو ڏينهن قوم جي لاءِ ??ڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قومي سلامتي جي تحفظ ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ??رعزم آه??ون. پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ 2021ع جي م??قع?? تي پرڏيهي وزير هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن قوم لاءِ ??ڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ان ڏينهن اسان آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ??نهنجي وڏڙن جي انهن قربانين کي تازو ڪريون ٿا جنهن جي شروعات 1940ع ۾ تاريخي قرارداد پاڪستان سان ٿي ۽ آخر ڪار 7 سالن جي ٿوري عرصي ۾ هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو. قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جو عڪاس آهي، ان ڏينهن اسان قائداعظم سمورن اڳواڻن، بزرگن، شهداءَ ۽ پنهنجي هيروز کي زبردست انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن عظيم قربانيون ڏئي آزاد ملڪ جي خواب کي عملي جامو ??ار??يو. اهو ڏينهن اسان کي اهو م??قع?? به فراهم ڪري ٿو ته اسان پنهنجي ملڪ کي حقيقي فلاحي، ترقي پسند ۽ خوشحال رياست بڻائڻ جي عزم کي ??رج????ون. ان م??قع?? تي آئون ان ڳالهه کي ??رج??ئڻ چاهيان ٿو ته موجوده پاڪستاني قيادت جو سڄو ڌيان ”نئون پاڪستان“ ويزن تحت عوامي ڀلائي ۽ ترقي تي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ به اسان پوري طرح پرعزم آه??ون. اسان جو ڌيان، جاگرافيائي سياسي ترجيحن کان جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي مرڪوز ٿي چڪو آهي. موجوده حڪومت پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ??رعزم آهي، پاڪستان امن ۽ استحڪما، ترقياتي حصيداري ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ جي پاليسين تي عمل پيرا آهي. ان ڏينهن اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏنل خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان به يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي حمايت ڪريون ٿا.
قرارداد پاڪستان اسان جي قومي ۽ تاريخي امنگن جي عڪاس آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر