ڪراچي – 13 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مالي ادارن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ جديد گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ??رو??ت آهي، اسان کي پنهنجون مالي پاليسيون نئين رجحانن کي نظر ۾ رکي جوڙڻيون پونديون، حڪومت جي بهتر پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مضبوطي طرف گامزن آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس دوران بهترين پاليسي اختيار ڪئي، دنيا ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي متعارف ڪرائي، ملڪي ترقي جي لا??ِ عورتن کي قومي دائري ۾ شامل ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. ڪراچي ۾ مصنوعي ذهانت سان مالي ڏوهن جي خاتمي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته برينڊ ??اڪ??تان کي عالمي سطح تي فروغ ڏيڻ جي ??رو??ت آهي، اسان کي تڪرارن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آهن، ??اڪ??تان هن وقت ترقي جي دروازي تي تمام جلد ??اڪ??تان سٺا ڏينهن ڏسندو. هن چيو ته هيٺئين سطح تي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ قدم جاري آهن، حڪومت جي بهترين پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مضبوطي طرف گامزن آهي، ڪورونا وائرس جي وبا دوران معاشري جي ڪمزور طبقي کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي، صنعتن جي لا??ِ به خصوصي پئڪيج متعارف ڪرايا ويا. صدر چيو ته عورتن جي لا??ِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي ??اڪ??تان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي وئي، اولهه مفاد ۾ ايسٽ مور جي تڪرار تي جدا ۽ ڪشمير جي مسئلي تي جدا پاليسي اختيار ڪئي وئي.
مالي ادارن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن