اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گوادر پورٽ فري زون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، گوادر بن??رگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ?? ويزن ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پورٽ جي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين نصير خان ڪاشاني ۽ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خان ڪاڪڙ گوادر پورٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني. صدر چيو ته ڪراچي پورٽ سان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پورٽ فري زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گوادر پورٽ تي ٽر??فڪ جي تيزي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال