اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پرعزم آهي، آمريڪا سان اقتصادي ل??ڳاپن ۾ اضافو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ل??ءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزي?? ريڪس ٽلرسن چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ل??ءِ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان پ??ڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي آيل آمريڪي پرڏيهي وزي?? ريڪس ٽلرسن پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خرم دستگير، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير احسن اقبال، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آء?? ايس آء?? ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ پرڏيهي سيڪر??ٽر?? تهمينه جنجوعه سميت اعليٰ عملدار شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن