شير ڳڙهه – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته 2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ٿي وي??دي، اسان ڪم ڪري رهيا آهيون ان لاءِ اسان جا مخالف اسان جون ٽنگون ڇڪي رهيا آهن ۽ ترقي جو سفر روڪڻ چاهين ٿا، اسان رستا ??اهي رهيا آهيون ۽ مخالف رستا ??اپي رهيا آهن، انهن جي نصيب ۾ احتجاج ۽ اسان جي قسمت ۾ عوام جي خدمت آهي، انهن کي خبر ته جيڪڏهن اهڙي طرح اسان ڪم ڪندا رهنداسين ته 2018ع ۾ به اسان ڪامياب ٿينداسين. هو قومي اسيمبلي ميمبر عاشق حسين ڪرماڻي جي رهائشگاهه تي علائقي جي اڳواڻن جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پي پي 211 تان آزاد ميمبر پنجاب اسيمبلي عبدالرزاق خان نيازي مسلم ليگ (ن) ۾ ٻيهر شموليت جو اعلان ڪيو جڏهن ته عاشق ڪرماڻي پڻ خطاب ڪيو.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن