گڏيل قومون -04 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل وا??ي امڪان تي ڳالهين لاءِ جون 2025ع تي عالمي سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ ??و اعلان ڪيو آهي. جنهن جي ميزباني سعودي عرب ۽ فرانس گڏيل طور تي ڪندا. ميڊيا رپورٽن مطابق جنرل اسيمبلي ۾ 157 ووٽن جي اڪثريت سان م??ظور ڪيل ٺهراءَ ۾ عالمي قانون م??جب اسرائيل ۽ فلسطين جي مسئلي کي ٻه رياستي حل لاءِ پختي حمايت جو اظهار ڪيو ويو. هن ٺهراءَ تي ووٽنگ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل حصو نه ورتو جڏهن ته 7 ٻيا ملڪ غير حاضر رهيا. جنرل اسيمبلي پاران م??ظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي، ته ٻنهي رياستن کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي تسليم ٿيل سرحدن اندر امن ۽ سلامتي سان رهڻ گهرجي. فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ان اميد جو اظهار ڪيو ته سربراهي اجلاس اسرائيل جي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندو ۽ وا??ح ڪندو ته ٻه رياستي حل سمورين ڌرين لاءِ عمل جوڳو آهي. گڏيل قومن ۾ فلسطيني نمائندي رياض منصور چيو ته فلسطين جو سوال شروع کان ئي گڏيل قومن ??ي ايجنڊا تي رهيو آهي ۽ ان جي ساک ۽ اختيار ۽ عالمي قانون تي ٻڌل آرڊر جي وجود جو سڀ کان اهم امتحان آهي. وا??ح رهي ته گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي هڪ ٺهراءَ ذ??يعي 1947ع ۾ فلسطين کي عرب ۽ يهودي ٻن رياستن ۾ ورهايو هو.
گڏيل قومن پاران فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل واري امڪان تي ڳالهين لاءِ جون 2025ع ۾ عالمي سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب