واشنگٽن _ 14 مئي (اي پي ??ي ) آمريڪا جي صدر جوبائيڊن جي اعلى قومي سلامت?? جي صلاحڪار جيڪ سليوان جو چوڻ آهي ته آمريڪا ان ڳالهه تي يقين نٿو رکي ته غزه ۾ نسل ڪشي ٿي رهي آهي پر اسرائيل کي ف??سطيني شهرين جي تحفظ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن . اي ايف پي ??طابق وائٽ هائوس جي قومي سلامت?? جي صلاحڪار جيڪ سيلوان چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسرائيل معصوم شهرين جي تحفظ ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻي سگهي ٿو ۽ کڻڻ چاهي ٿو . هن چيو ته آمريڪي صدر جو خيال هو ته رفع آپريشن کي هڪ اسٽريٽجڪ اينڊ گيم سان جوڙڻو پوندو جنهن ۾ ان سوال جو به جواب آهي ته ان لاءِ اڳتي ڇا ڪرڻو پوندو . هن چيو ته اهو قدم اسرائيل کي نه ختم ٿيندڙ بغاوت جي روڪ ٿام جي مهم کان بچائيندو جنهن سان اسرائيل جي طاقت ۽ قوت ختم ٿي سگهي ٿي .
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر